ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ راشد محمود سومري چيو آهي ته اسان جا در هر جماعت لاءِ کليل آهن، پ پ ڪرپشن نه ڪندي ته ان سان اتحاد ڪنداسين.
ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومري چيو ته اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪري مرڪز کي موڪلي رهيا آهيون، اميدوارن جو اعلان اڄ يا سڀاڻي ڪيو ويندو.
هن چيو ته هر تڪ ۾ 2 ڪورنگ اميدوار به هوندا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ عورتون به چونڊن لاءِ فارم جمع ڪرائي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پولنگ اسٽيشنون ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي قبضي ۾ آهن، آر اوز ۽ ڊي آر اوز دوکو ڏنو ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين، ڪچي جي پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like