ڪوڪ اسٽوڊيو جي گاڏي ”ڪنا ياري“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ پاڪستان جي پهرين باحجاب بلوچي ريپر ايوا بي فالوئرز لاءِ هڪ دلچسپ وڊيو شيئر ڪري ڇڏي.
حجاب سان اسٽيج تي سر وکيريندڙ ايوا بي هڪ رڪشي ۾ سفر دوران پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايوا بي جنهن رڪشي ۾ سوار آهي، ان ۾ گلوڪارا جو ئي گانو ”ڪنا ياري“ هلي رهيو آهي.
ايوا بي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هاڻ رڪشي واري کي ڪيئن ٻڌايان ته اهو منهنجو گانو آهي.
فالوئرز ان وڊيو کي بهترين قرار ڏيندي ايوا بي لاءِ تعريفي تبصرا ڪري رهيا آهن.
View this post on Instagram