لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف جي بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت مبينا آڊيو منظر تي اچي وئي.
سوشل ميڊيا تي هڪ مبينا آڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ذڪا اشرف ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم جي ڪپتاني ڇڏڻ ۽ شاهين آفريدي کي محدود فارميٽ جي ڪپتاني بابت هڪ عورت سان گفتگو ڪري رهيو آهي.
ذڪا اشرف مبينا آڊيو ۾ چئي ٿو ته بابر کي ٻن فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو چيو ويو هو، بابر جواب ڏنو ته فيملي سان مشورو ڪري ٻڌائيندس پر فيملي بدران هن فلحه نالي پليئر ايجنٽ سان ڳالهايو ۽ پوءِ ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏي ڏنائين.
سندس موجب پليئر ايجنٽ ٽيم جي 8 رانديگرن کي چنبي ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ان جا رانديگرن سان فيملي ٽرم آهن، بابر ٽيسٽ جي ڪپتاني کان انڪار ڪيو ته ان وقت اسان لاءِ پلان بي تيار هو، شان مسعود کي ڪپتاني ڏني وئي ۽ شاهين کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو ڪپتان بڻايو ويو.
ان موقعي تي اڻڄاتل عورت چيو شاهين به ته پنهنجي سهري شاهد آفريدي جي ڪنٽرول ۾ آهي، هو سهرو آهي پر تمام گهڻي مداخلت ڪندو آهي.
Breaking News
فاختہ چئیرمین پی سی بی مینجمنٹ کمیٹی ذکاء اشرف صاحب کی مبینہ آڈیو منظر عام پر لے آئی. کیسے انہوں نے پلاننگ کی.کیسے محمد رضوان کو وائیٹ بال کی کپتانی نہ کرنے دی.بابر اعظم کے خلاف کونسا پلان بی تیار تھا فاختہ سب منظر عام پر لے آئی،،،@TalhaAisham
پر الزام عائد کیا کہ… pic.twitter.com/Uh83UwKfQU— Qadir Khawaja (@iamqadirkhawaja) December 18, 2023