ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت قدرتي گئس جو جائز حصو ڏنو وڃي ته جيئن صوبي جون صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون آساني سان هلائي سگهجن.
وزيراعظم کي لکيل ڊي او ليٽر ۾ وڏي وزير جسٽس باقر چيو آهي ته سنڌ سمورن صنعتي زونن ۾ گئس جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ٻه وڏا مسئلا آهن، جن ۾ پهريون هر هفتي ٻن ڏينهن (ڇنڇر ۽ آچر) تي مڪمل پابندي ۽ ٻيو باقي ڏينهن تي گهٽ پريشر ڏيڻ شامل آهن.
وڏي وزير لکيل خط ۾ وزيراعظم کي چيو آهي ته ان صورتحال سبب صوبي ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ صنعتي ۽ ڪاروباري برادري مطالبو ڪري رهي آهي ته فل پريشر سان گئس جي فراهمي ڪئي وڃي، تنهن هوندي لاڳاپيل اختيارين پاران ڪو به مثبت جواب نه مليو آهي.
خط موجب آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ واضح آهي ته گئس استعمال ڪرڻ جو پهريون حق سندس صوبي جو آهي، جتان اها پيدا ٿئي ٿي، سنڌ صوبو ملڪ جي ٽوٽل گئس جو 65 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو، آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي ڪندي 211 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ايس ايس جي سي بدران ايس اين جي پي کي الاٽ ڪئي وئي، جيڪا هاڻي ايس ايس جي سي کي واپس ڏني وڃي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ کي آر ايل اين جي (درآمد ٿيل گيس) خريد ڪرڻ تي پڻ مجبور ڪيو پيو وڃي، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، ڇو ته ڪو به صوبو پابند ناهي ته هو ٻين صوبن کي گيس فراهم ڪري جيستائين اضافي گئس نه هجي.
جسٽس باقر وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن (ڇنڇر ۽ آچر) سمورن صنعتي زونن ۾ گئس جي پابندي ختم ڪئي وڃِ ۽ مڪمل پريشر سان گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، قدرتي گئس جو آئيني حصو سنڌ کي ڏنو وڃي ته جيئن صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون هلي سگهن.
You might also like