”ڪنهن سياسي جماعت سان دلچپسي ناهي، ڪو الزام هڻي ته پرواهه ناهي“

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن جي به الزامن جي پرواهه ناهي، ڇو ته ڪنهن سياسي پارٽي سان ڪا دلچسپي ناهي، ٿري ايم پي او آرڊر واپس نه ورتا ويا ته ڊي سي خلاف ڪارروائي ڪنداسين.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مجاهد خان جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي چيف جسٽس محمد ابراهيم خانخ ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪير به الزام هڻي ان جي پرواهه ناهي، ڇو ته ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪا دلچپسي ناهي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي بچائڻ يا ڦاسائڻ لاءِ سوال نه پيا ڪيون پر سڀ ڪجهه رڳو آئين ۽ قانون جي پاسداري لاءِ ڪري رهيا آهيون.
ٻه رڪني بئنچ ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته ڊي سي سان ڳالهائي آگاهه ڪيو ته هو اسد قيصر خلاف ٿري ايم پي او واپس وٺي، جيڪڏهن نٿو وٺي ته ڪارروائي ڪنداسين.
عدالت حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.