اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به جعلي نوٽ نه سڃاڻي سگهيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 5 هزارن جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، جيڪي اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به نه سڃاڻي سگهيو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ڪميٽي اجلاس ۾ 5 هزار رپين جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، ڪميٽي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي به جعلي نوٽ ملي سگهي ٿو ته عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟
هن سوال اٿاريو توهان ٻڌائي ٿا سگهو ته هي نوٽ اصلي آهي يا جعلي؟ جعلي ڪرنسي جو استعمال وڌي رهيو آهي ۽ بئنڪن ذريعي جعلي نوٽ پکڙجي رهيا آهن، جعلي نوٽ بئنڪن جي سسٽم ۾ موجود آهن، ان بابت هڪ پاليسي ٺاهيو.
ڪميٽي ميمبرن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي کي طلب ڪري بريفنگ ورتي وڃي، جنهن تي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.