سمنڊ پار پاڪستاني موبائل فون واهپيدارن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستاني موبائل فون واهپيدارن لاءِ خوشخبري آهي ته ايف بي آر انهن لاءِ 5 سال پراڻي استعمال ٿيل موبائل فون تي ٽيڪس ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ 5 سال پراڻي استعمال ٿيل موبائل فونز تي 60 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.
دستاويز موجب اوورسيز پاڪستانين جي استعمال ٿيل موبائل تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي جا رولز جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب استعمال ٿيل موبائلن تي نين موبائلن جي ماليت جي حساب سان ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو ۽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو اهو رليف رڳو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ هوندو.
دستاويز موجب استعمال ٿيل موبائل امپورٽ ڪندڙ ڪمرشل امپورٽرز تي ٽيڪس جي شرح گهٽ نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.