اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙن لاءِ قاعدا جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن لاءِ بنيادي اهليت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن موجب پارليامينٽ ميمبر بڻجڻ لاءِ اميدوار پاڪستان جو شهري هجي ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ تائين اميدوار جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجي.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌان ووٽر هجي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار لاڳاپيل صوبي جو هجي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوار لاڳاپيل صوبي جو ووٽر هجڻ لازمي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ خرچن بابت هر اميدوار ڪنهن به شيڊيول بئنڪ ۾ خاص اڪائونٽ کولي ۽ اڪائونٽ اڳ کان موجود آهي ته بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل نامزدگي ڪاغذ ۾ داخل ڪري، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي بئنڪ اسٽيٽمينٽ جوڙڻ لازمي هوندي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ سان گڏ حلفي بيان اميدوار اسٽامپ پيپر تي تصديق ڪرائي ڏيندو.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوار نامزدگي ڪاغذ سان گڏ پنهنجي، گهرواري يا مڙس ۽ ٻارن جي اثاثن جا تفصيل لکي، نامزدگي ڪاغذ اميدوار پاڻ يا ان جو تجويز ڪيل مجاز شخص جمع ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته اميدوار پنهنجي تازي تصوير نامزدگي ڪاغذ تي مخصوص جاءِ تي چنبڙائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.