کاڌو پنهنجي مخصوص وقت تي ئي کائڻ گهرجي اها ته هر ڊاڪٽر، حڪيم توڙي داناءَ ماڻهوءَ جي هدايت هوندي آهي، ان سان گڏ مذهبي حوالي سان به وقت تي کاڌو کائڻ جي وڏي تائيد ٿيل آهي جنهن کي انسان جي صحت لاءِ انتهائي فائديمند سمجهيو ويندو آهي، تنهن باوجود به دير سان کاڌو کائڻ کي هن وقت تائين ايترو خطرناڪ قرار نه ڏنو ويو هو جيترو ماهرن جي ڪيل نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي.