وڳڻ: روڊ حادثي ۾ ايڪسائيز پوليس اهلڪار فوت

وڳڻ (ويب ڊيسڪ) وڳڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي وين ۾ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ايڪسائيز پوليس اهلڪار فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪوٽ مرزا ڪالو واسي ايڪسائيز اهلڪار راشد شاهاڻي ۽ شوڪت چنو سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي وڳڻ پوليس پهچي ٻنهي زخمين کي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو جتي شوڪت چنو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته راشد شاهاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ٻئي نوجوان انڊس هاءِ وي تي ڊيوٽي ڪري موٽر سائيڪل تي واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.