راشد محمود سومرو جو بلاول جي مقابلي ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

سکر (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مقابلي ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته پارٽي جي هدايت تي لاڙڪاڻي مان بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف اليڪشن وڙهندس.
هن چيو ته تاثر ڏنو ويو آهي ته سنڌ ۾ ون مين شو آهي، ڪا ٻي جماعت ڪامياب نٿي ٿي سگھي.
جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي جي خلاف اهڙي تحريڪ هلائينداسين جيڪا سندن حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيندي.
هن چيو ته جي يو آءِ پهرين ڏينهن کان سنڌ ۾ عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.