ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ڊراما جي ناليواري ليکڪ خليل الرحمان قمر هڪ ڀيرو وري ماهرا خان سان شديد ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آئون اداڪارا کان ناراض نه آهيان پر سندس عمل کان نفرت آهي.
خليل الرحمان قمر هڪ تازي انٽرويو دوران شوبز انڊسٽري جي ڪجهه اداڪارن سان ناراضگي ۽ تڪرارن تي ڳالهائيندي چيو ته جنهن اداڪار سان گڏ آئون ٻيون ڀيرو ڪم ڪيو آهي ان سان منهنجو ڪو به جهيڙو ناهي، جڏهن اوهان مون کي ڪاوڙ ڏيکاريندا ته ياد رکو ته پاڪستان ۾ مون کان وڌيڪ ڪاوڙيل ڪو به نه آهي.
هن چيو ته ليکڪ جي عزت نه ڪندئو ته آئون به ڪنهن جي عزت نه ڪندس.
ماهران خان سان ناراضگي جو سبب پڇڻ تي خليل الرحمان قمر چيو ته ماهرا خان کان ناراض نه آهيان پر سندس عمل کان مون کي نفرت آهي، آئون نفرت ڪندڙ ماڻهو نه آهيان، ناراضگي ختم ٿي ويندي آهي پر نفرت نه.
خليل الرحمان قمر چيو ته نفرت ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ماهرا خان مون کان معافي وٺي، ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿو ڪري سگھان.
You might also like