ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪار ۽ موسيقار شيراز پل چيو آهي ته هڪ ته آئيمه بيگ سندس بڻايل گيت (فنڪاري) چوري ڪيو ۽ پوءِ هن کي ئي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري مٿس چوريءَ جو الزام لڳايو.
پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ شيراز پل جو چوڻ هو ته هڪ ته آئمه بيڪ هن جو گيت چوري ڪيو ۽ ٻيو وري دعويٰ ڪئي ته گيت جي شاعري هن مرحوم شڪيل سان گڏجي لکي.
هن ٻڌايو ته آئمه بيگ گيت چوري ڪرڻ کان پوءِ دعويٰ ڪئي ته هن گيت شڪيل سهيل سان گڏجي لکيو، ان تي آئون گلوڪارا کي سمورا ثبوت پيش ڪيا، جنهن کان پوءِ آئمه بيگ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي.