چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) چنيوٽ جي ريسڪيو ٽيم دنيا جو ناياب ۽ مهانگو ترين جانور ”پينگولين“ پڪڙي ورتو، جنهن جي قيمت 600 ڊالر في ڪلو هوندي آهي.
سڄي دنيا ۾ ناياب ۽ مهانگو ترين سمجهيو ويندڙ جانور ”پينگولين“ ريسڪيو چنيوٽ جي هٿ اچي ويو، ريسڪيو 1122 ناياب جانور وائلڊ لائيف کاتي حوالي ڪري ڇڏيو.
ريسڪيو اختيارين موجب اطلاع تي سرگوڌا روڊ باءِ باس تي دڪان ڀرسان منفرد جانور کي حفاظت سان پڪڙيو ويو، ان جي سڃاڻپ پاڪستاني پينگولين طور ٿي.
هڪ رپورٽ موجب پاڪستاني پينگولين عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيندو آهي، پينگولين 600 ڊالر في ڪلو جي حساب سان عالمي سطح تي کپايو ويندو آهي.
وائلڊ لائيف کاتي موجب آفيسرن جي مشاورت سان ان جانور کي اهڙي هنڌ ڇڏيو ويندو، جتي ان کي قدرتي سڪون ملي ۽ بچي سگهي.
You might also like