”ب فارم“ جاري ڪرڻ جي پاليسي ۾ تبديلي: نادرا وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) طرفان ”ب فارم“ جاري ڪرڻ جي پاليسي ۾ تبديلي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.
نادرا آفيشل ايڪس هينڊل تي ڪيل وضاحتي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته نادرا طرفان ”ب فارم“ جاري ڪرڻ جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي، نه ئي ڪنهن قسم جي ڪا تبديلي غور هيٺ آهي.
نادرا واضح ڪيو ته فارم ب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن قسم جي ڊيڊ لائن به مقرر ناهي ڪئي وئي.
پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انٽرنيٽ تي سامهون ايندڙ بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن ۽ شهرين کي گمراهه ڪري رهيا آهن، ذميوار شهري طور اهڙي قسم جون غلط خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
واضح رهي ته نادرا طرفان فارم ب 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارن جي داخلا لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي ٻارن جي پاسپورٽ، اسڪول ۾ داخلا يا ٻاهرئين ملڪ سفر لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.