پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف طرفان عدليا جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ڪيس جي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان ۽ جسٽس شڪيل احمد ڪئي، تحريڪ انصاف جي وڪيل معظم بٽ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ايندڙ عام چونڊون عدليا ذريعي ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.
ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت عظميٰ فيصلو ڏنو آهي ۽ باقي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، ان جي فيصلي کانپوءِ ڪيس ٻڌڻي لائق ناهي رهيو، اهي پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ کڻي وڃن ها.
اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر (آر اوز) جتان به هجن، اليڪشن ڪميشن جي ڪنٽرول ۾ هوندا.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
Prev Post
You might also like