ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول بابت نواز شريف جو بيان اميدوارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ آهي.
ن ليگ قائد نواز شريف جي ٿرڪول بابت بيان تي ردعمل ۾ مراد علي شاهه چيو ته نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي ٻڌيون آهن، سنڌ مان ن ليگ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون ئي ناهن ڏنيون ويون.
هن چيو ته حيدرآباد موٽر وي جو افتتاح نواز شريف ضرور ڪيو هو پر ٿر ۾ ڪوئلي جي دريافت 32 سال اڳ ٿي، 2008 ۾ پ پ حڪومت آئي ۽ ٿرڪول لاءِ ڪم شروع ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ٿرڪول لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪم ڪيو، نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي ڳالهه ڪئي، بنيادي طور تي امن امان جو معاملو صوبائي آهي، رينجرز اسان جو ساٿ ڏنو، سنڌ حڪومت رينجرز کي امن امان ۾ سهڪار تي ادائيگي به ڪندي آهي.
You might also like