بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چينجي سائنسدانن شمسي توانائي سان هلندڙ اهڙا سمارٽ ڪپڙا بڻايا آهن جيڪي ذاتي اي سي جي طور تي ڪم ڪن ٿا.
ننڪائي يونيورسٽي جي سائنسدانن موجب ڪپڙان ۾ لڳل نظام ۾ لچڪدار شمسي خليا ۽ برقي اوزار استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي گڏجي اهڙو لباس ٺاهين ٿا جيڪو جسم کي ماحول جي گرمي پد موجب مناسب ماحول فراهم ڪري ٿو.
ليکڪن موجب روايتي لباس جو مقصد ماڻهن کي ٿڌو يا گرم رکڻ هوندو آهي. جنهن کي موسمياتي تبديلي ۾ پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو. پر، انهن ڪپڙن کي خلا جهڙي سخت ماحول ۾ پهرڻ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.
ڏکئي ماحول ۾ رهڻ يا تحقيق لاءِ اهڙا لباس اهم ٿي سگھن ٿا جيڪي جلد کان جلد گھڻي گم ۽ گھڻي ٿڌ موسم موجب تبديلي آڻي سگھن.
نئين تحقيق موجب اهو سسٽم روايتي ڪپڙن ۾ لڳائي سگھجي ٿو. سسٽم لڳڻ کان پوءِ اهو ڪپڙن کي 10.1 ڊگري سيلسيئس تائين ٿڌو ۽ 3.2 ڊگري تائين گرم ڪري سگھي ٿو. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهو نظام ماڻهن کي ٻاهرين گرمي پد 12.5 ڊگري کان 37.6 ڊگري جي وچ ۾ هجڻ باوجود 32 کان 36 ڊگري جي وچ ۾ برداشت جوڳو گرمي پد ۾ رکي سگھي ٿو.
سائنسدانن موجب اهو 12 ڪلاڪن جي سج جي روشني سان 24 ڪلاڪن تائين استعمال ڪري سگھجي ٿو.
You might also like