پاڪستان خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ميلبورن ۾ ٿيندڙ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، جنهن کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جو نالو ڏنو ويو آهي.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ آسٽريليا پرٿ ٽيسٽ جي اسڪواڊ کي برقرار رکيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي 13 رڪني اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، اسٽيو سمٿ، ٽريوس هيڊ، اسڪاٽ بولينڊ، ايليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، عثمان خواجا، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مچل مارش، مچل اسٽارڪ ۽ ڊيوڊ وارنر شامل آهن.
واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 360 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.