ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو مجموعي انگ ڪيترو آهي؟ تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ ووٽرن جو مجموعي انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽر 6 ڪروڙ 92 لک 63 هزار 704 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 5 ڪروڙ 93 لک 22 هزار 56 آهي.
انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جي شرح 53.87 سيڪڙو، جڏهن ته عورت ووٽرز جي شرح 46.13 سيڪڙو آهي.
اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 10 لک 83 هزار 29 آهي، جنهن ۾ 5 لک 68 هزار 406 مرد ۽ 5 لک 14 هزار 623 عورتون شامل آهن.
سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 769 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽر هڪ ڪروڙ 46 لک 12 هزار 655 ۽ عورت ووٽرز جو انگ هڪ ڪروڙ 23 لک 82 هزار 114 آهي.
انگن اکرن موجب پنجاب ۾ ڪُل 7 ڪروڙ 32 لک 7 هزار 896 ووٽر آهن، جن ۾ 3 ڪروڙ 91 لک 22 هزار 82 مرد ۽ 3 ڪروڙ 40 لک 85 هزار 814 عورتون شامل آهن.
بلوچستان ۾ ووٽرن جو انگ 53 لک 71 هزار 947 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽ 30 لک 16 هزار 164 ۽ عورت ووٽرز 23 لک 55 هزار 783 آهن.
اليڪشن ڪميشن جي ڊيٽا موجب خيبر پختونخواهه ۾ 2 ڪروڙ 19 لک 28 هزار 119 آهي، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 19 لک 44 هزار 397 مرد ۽ 99 لک 83 هزار 722 عورتون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.