اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان معاهدي باوجود ايل اين جي نه ڏيڻ تي پرڏيهي ڪمپني خلاف عالمي ٽياڪڙي عدالت پهچي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي درخواست تي عالمي ٽياڪڙي عدالت لنڊن ۾ ايندڙ مهيني ڪيس لڳڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پرڏيهي ڪمپني طرفان معاهدي موجب ايل اين جي سپلاءِ نه ڪئي وئي هئي ۽ ان سان پاڪستان کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڪمپني سان 2022 تائين ايل اين جي فراهمي جو 5 سالن جو معاهدو هو، پرڏيهي ڪمپني سان معاهدو برينٽ قيمت جي 11.62 سيڪڙو جي برابر هو، ايل اين جي ڪارگوز رد ٿيڻ سان پاڪستان کي مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪرڻي پئي.
ذريعن موجب پرڏيهي ڪمپني ڪارگوز پاڪستان کي ڏيڻ بدران ڳري منافعي تي امير ملڪن کي کپايا.
ايل اين جي معاهدي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان عالمي ٽياڪڙي عدالت سان رابطو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 10 ڪارگوز لاءِ ٻن پرڏيهي ڪمپنين سان معاهدا ڪيا هئا، ٻنهي پرڏيهي ڪمپنين معاهدي موجب پاڪستان کي ڪارگوز نه ڏنا، پاڪستان ٻي پرڏيهي ڪمپني سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي ۽ اها پاڪستان جي مطالبي تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻي پرڏيهي ڪمپني سان 2032 تائين 15 سالن جو ايل اين جي معاهدو آهي ۽ اهو برينٽ قيمت جي 12.14 سيڪڙو تي معاهدو هو، ٻي پرڏيهي ڪمپني خلاف في الحال پاڪستان عالمي ٽياڪڙي عدالت سان رابطو ناهي ڪيو.
پاڪستان معاهدي باوجود ايل اين جي نه ڏيڻ تي پرڏيهي ڪمپني خلاف عالمي عدالت پهچي ويو
You might also like