عدالت جو فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي خاص عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي راولپنڊي جي خاص عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ عدالت فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت فواد چوڌري کي ٻه لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.
واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن پوليس فواد چوڌري کي گرفتار ڪري جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيب به فواد چوڌري کي حراست ۾ ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.