احمد سليم سياست ۽ ادب جو ميلاپ قرار، هن مظلوم قومن لاءِ محنت ڪئي: ساڃاهه وند

ڄامشورو (رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو ) ڄامشوري ۾ پنجاب جي نامور برک، ترقي پسند ليکڪ، محقق، شاعر، ناول نگار، تاريخ نويس ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي پنجابي ٻولي ۾ ترجمو ڪندڙ احمد سليم جي وفات تي سندس ياد ۾ مڃتا ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ڄامشوري جي انسٽيٽيوٽ  آف ايم ايڇ پنهور ۾ حيدرآباد روشن فورم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ايم ايڇ پنهور طرفان نامور برک، ترقي پسند ليکڪ، محقق، شاعر، ناول نگار، تاريخ نويس ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي پنجابي ٻولي ۾ ترجمو ڪندڙ احمد سليم جي ياد ۾ مڃتا ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ساڃاهه ونڊن، اديبن، دانشورن، سياسي، سماجي قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. تقريب کي جامي چانڊيو احمد سليم اسان سڀني عزيز، دوست ۽ گهرڀاتي هو ساڻس ڊگهو تعلق رهيو آهي. ترقي پسند اديبن عوامي ادبي انجمن جي پليٽ فارم تان ڪم ڪيو. وڏن ماڻهن کان اتساهه ورتو ويندو آهي انهن ۾ احمد سليم به هو جنهن ڏينهن رات وڏي محنت ڪئي. هن ملڪ جي مظلوم قومن لاءِ تمام گهڻو ۽ غير معمولي ڪم ڪيو، پاڻ ادب ۽ سياست جو امتزاج هو . پنجاب جا ترقي پسند اديب سرائڪي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پر احمد سليم سرائيڪي جي موجودگي کي مڃيو. عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو ڳالهائيندي چيو ته اسان کي وقت مان ۽ تاريخ جي هيرن کي ياد ڪري اسان نئون جنم ورتو آهي. احمد سليم هڪ ادب، سوچ ۽ تخيل جي پل هو، هڪ ڏاڪڻ هو هر ڏاڪي ۽ قدم تي اسان جي رهنمائي ڪئي، ساڻس اسان جو انساني ۽ نظرياتي رشتو آهي. 16 ڊسمبر تي بنگلاديش کي به ياد ڪيون ٿا. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو خطاب ڪندي چيو ته اسان احمد سليم کي محبتون آڇيون ٿا، سندس ڪيل قلمي پورهيي کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون. ادريس جتوئي چيو ته احمد سليم مسلسل جستجو ڪئي، نوجوانن کي سيکاريو، ڪيترائي ڪتاب لکيا سندس تاريخي ڪتاب پڙهڻ گهرجن. حيدرآباد روشن فورم جي حميد سومري ڳالهائيندي چيو ته احمد سليم سان گهڻائي رشتا ناتا هئا اسان پنهنجي ساٿي جي وڇوڙي تي دلي رنجيده آهيون ۽ کيس ڀيٽا ڏيڻ اسان تي فرض هو ڇاڪاڻ ته هو اسان جو ۽ اسان مان هو. کيس هميشه ياد رکيو ويندو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو ڳالهائيندي چيو مختلف وقتن کي ڌرتي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ڌرتي جي حلالي پٽن ڪردار ادا ڪيو انهن منجهه احمد سليم به هو. تقريب کي پروفيسر امداد چانڊيو، اشتياق انصاري، نرجن ڪمار، بختاور ڄام، اسحاق مڱريو، بخشل ٿلهو، فهيم نوناري، الطاف محبوب جوکيو، لطيف لغاري ۽ ٻين مقررن احمد سليم کي لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، احمد سليم پڪو قومپرست ۽ ڪميونسٽ، جدت پسند شاعر ۽ قومي ٻولين ميلاپ، سرحدن کان مٿانهون، سنڌي ٻوليءَ جو سرحد پار نمائندو ليکڪ قرار ڏيندي سندس سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ڪيل ڪم کي گڏ ڪري ڇپائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.