آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 360 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پرٿ ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 360 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 233 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪندي پاڪستان کي 450 رنسن جو هدف ڏنو.
آسٽريليا طرفان ٻي اننگز ۾ عثمان خواجا 90 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، مچل مارش 63، اسٽيو سمٿ 45 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان خرم شهزاد 3، شاهين آفريدي ۽ عامر جمال هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ قومي ٽيم 89 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سعود شڪيل 24، بابر اعظم 14، امام الحق 10 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
آسٽريليا طرفان ٻي اننگز ۾ مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ 3-3، نيٿن ليون 2، پيٽ ڪمنز هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 487 رنسون، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 271 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.