لطيف کوسا جو تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر وڪيل سردار لطيف کوسا پ پ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
سردار لطيف کوسا لاهور ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خواهش تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، رڳو ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته سچ جو آواز شدت سان بلند ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو، پاڪستان لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي سفر جي شروعات جي دعوت ڏيان ٿو، اميد ته نفرت جي سياست ختم ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته هي ادارا اسان جا ادارا آهن، هيءَ فوج اسان جي آهي، آئين ۾ سڀني ادارن جون حدون مقرر آهن، آئين ۾ لکيل آهي ته فوج سرحدن جي محافظ آهي ۽ عوام جي ٽيڪس مان ان کي پگهار ملندي آهي.
لطيف کوسا چيو ته ججن جي فرضن ۾ اهو آهي ته هو انصاف ڪن، قانون تي عملداري، آئين جي پاسداري ڪندڙ امر ٿي ويندو آهي، اميد ته اڄ عدليا برابر جو انصاف ڪندي، 25 ڪروڙ عوام توهان ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.