اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ معطل ٿيل چونڊ عملي جي تربيت جو عمل ٻيهر شروع ٿي ويو.
لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جو چونڊن ۾ آر اوز ۽ ڊي آر اوز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ چونڊ عملي جي تربيت جو عمل رڪجي ويو هو ۽ عام چونڊون ملتوي ٿيڻ جون اڳڪٿيون ٿي رهيون هيون پر سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
هاڻ اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ سڄي ملڪ ۾ ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي، ٽريننگ 10 ڊسمبر تي مڪمل ڪئي ويندي.
You might also like