پيٽ ڦوڪجي ٿو يا گيس خارج نه ٿي ٿئي ته هي 5 شيون کائو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽ ڦوڪجڻ يا گيس خارج نه ٿيڻ دنيا جي ٻه سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندر احساس آهن، ڇو جو ان سان نه رڳو اوهان جي طبيعت لاڳيتو خراب رهندي آهي پر اوهان کي بُک به ناهي لڳندي ۽ ڪجهه کاڌن کي به ڏسڻ تي به دل ناهي چوندي.

جڏهن آنڊن ۾ گيس گڏ ٿي وڃي ۽ نه نڪري سگھي، اهڙي صورتحال ۾ انسان جو پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي، اها ڪيفيت لاڳيتو آرام ڦٽائيندڙ صورتحال پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، اها حالت کاڌي مان خارج ٿيندڙ گيس جي نتيجي ۾ ٿيندي آهي جيڪا اسان جي جي جسم کان ٻاهر ناهي نڪري سگهندي ۽ جسم جي اندر موجود رهندي آهي، اهو گھڻو عام آهي، ۽ گھڻا ماڻهو روز ان کي منهن ڏيندا آهن.

جيتوڻيڪ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جيڪي پيٽ ڦوڪجڻ ۽ جسم ۾ گيس جو سبب بڻبا آهن، پر اسان جا کاڌا ان ۾ مُک ڪردار ادا ڪندا آهن، جيڪڏهن اوهان جي خوراڪ ۾ گھڻو سڻڀ هجي، ته اوهان قدرتي طور تي ڳرو محسوس ڪندئو، خوش قسمتي سان، گھڻا کاڌا آهن جيڪي ان بيچيني کان ڇوٽڪارو فراهم ڪري سگھن ٿا.

اچو ته ڄاڻيون ٿا ته ڇا کائي ان تڪليف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

سونف

سونف پيٽ لاءِ گھڻي فائديمند آهي، جن ماڻهن کي قبض جي شڪايت هجي ته اهي باقاعدگي سان سونف کائين، ان کانسواءِ اها گيس ۽ ٻين معدي جي مسئلن کي به حل ڪندي آهي.

ان جو سبب اهو آهي جو سونف جي ٻجن ۾ اهڙو تيل هوندو آهي جيڪو هاضمي کي ٺيڪ رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح هاضمو بهتر ٿيندو آهي. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته گھڻو ڪري پاڪستاني کاڌا گھڻي تيل ۽ گيهه مان تيار ويندا آهن، سونف جي ٻجن جو چانهه جو هڪ چمچو آرام فراهم ڪرڻ لاءِ حيران ڪندڙ ڪم ڪري سگھي ٿو.

پپيتو

قدرتي طور تي ڦوڪيل پيٽ ۽ گيس جي علاج لاءِ اوهان کي پنهنجي خوراڪ ۾ هڪ ٻي غذا ضرور شامل ڪرڻ گھرجي، اهو آهي پپيتو. ان ميوي ۾ پاپين نالي انزائم هوندوآهي جيڪو کاڌي ۾ پروٽين کي ٽوڙڻ ۾ مدد ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح کاڌو هضم ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي.

ادرڪ

ادرڪ گيس جي علاج لاءِ گھڻو بهترين ۽ ڪم جي غذائن مان هڪ آهي، اهو اوهان جي آنڊن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. ادرڪ ۾ زنگيبين نالي هڪ انزائم به هوندو آهي، جيڪو هاضمو صحيح طرح سان ڪندو آهي، اوهان ادرڪ جي چانهه پيئو ۽ ان کي پنهنجن کاڌن ۾ شامل ڪريو.

ڏهي

جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي، ڏهي پروبائيوٽڪس سان ڀرپورهوندي آهي، اها هاڃيڪار بيڪٽيريا جي واڌ ويجهه کي روڪي اسان جي آنڊن کي صحتمند رکڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

ڏهي اسان جي جسم کي اندران ٺيڪ ڪندي آهي، اوهان جيتري گھڻي ڏهي کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪندئو، اوهان جا آنڊا اوترو ئي صحتمند رهندا.

ڦودنو

ڦودني جو تاٿير ٿڌو هوندو آهي، ان ڪري ان کي گرمين ۾ کائڻ فائديمندآهي، ان سان گيس ۽ معدي ۾ جلن جهڙا مسئلا ناهن ٿيندا.

ڦودني جو ڪاڙهو پيئو، ان کانسواءِ اوهان ڦودني جي پنن کي سلاد ۾ شامل به ڪري سگھو ٿا.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر کان به مشهور وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.