شان ٽيٽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو بالنگ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پي ايس ايل 9 لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اعلان ڪندي چيو آهي ته شان ٽيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ هوندو.
ان کان اڳ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
واضح رهي ته شان ٽيٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ به رهيو آهي، جڏهن ته شين واٽسن پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.