ممبئي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا واهپيدارن ماضي جي مشهور ترين بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنتا جي همشڪل آمريڪي اداڪارا ڳولي ورتي.
شاهه رخ خان، عمران هاشمي، انيل ڪپور، رنبير سنگهه ۽ ليجنڊري اداڪار رجني ڪانت جي همشڪل کان پوءِ هاڻي واهپيدارن پريتي زنٽا جي همشڪل به ڳولي ورتي آهي.
سماجي رابطن ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي فلم اپڊيٽس جي نالي سان موجود تصديقٿيل اڪائونٽ مشهور آمريڪي اداڪارا للي گليڊاسٽون جي تصوير پوسٽ ڪئي.
ايڪس تي تصوير پوسٽ ڪندي ”فلم اپڊيشٽس“ اعلان ڪيو ته ”فلم ڪلر آف دي فلاور مون“ جي اداڪارا للي گليڊاسٽون کي 2024ع جي اسپرٽ ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويوآهي.
آمريڪي اداڪارا جي تصوير سوشل ميڊيا واهپيدارن کي منجهائي ڇڏيو ۽ هو تبصرا ڪري پڇڻ لڳا ته پريتي زنٽا جي تصوير ڇو پوسٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن ته ايوارڊ لاءِ نامزدٿيڻ تي آمريڪي اداڪارا بدران پريتي زنٽا کي واڌايون ڏنيون.
Next Post
You might also like