لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ جي تجويزن تي غور ويچار جاري آهي، لاهور ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جي جلاس ۾ نواز شريف بهاولپور ڊويزن مان اميدوارن جا انٽرويو ڪيا.
ن ليگ جي پارلياماني بورڊ جو 11هون اجلاس پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت نواز شريف ۽ شهباز شريف گڏيل طور ڪئي ۽ اجلاس ۾ بهاولپور ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن کان انٽرويو ڪيا ويا.
ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 8 فيبروري جي اليڪشن عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي.
You might also like