ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٽافي، ڪينڊي ۽ ڪنفيڪشنري آئٽمز جي درآمد تي ڪسٽم ويليو ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
بزنس ريڪارڊر موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڪسٽمز ويليوايشن ڪراچي ٿائيلينڊ، تائيوان، انڊونيشيا، ويٽنام، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، عمان، ترڪي، يورپ ۽ آمريڪا مان درآمد ٿيندڙ شين تي ٽيڪس وڌائي ڇڏيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي اگهن ۾ واڌ کي ڏسندي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، ان حوالي سان هڪ اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي.
اسٽيڪ هولڊرن عالمي مارڪيٽ جي رجحان موجب ڪسٽمز جا اگهه نئين سر مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي، 90 ڏينهن ۾ ڪليئرنس ڊيٽا حاصل ڪري ان جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ ڪنڊيز، ٽافين ۽ ڪنفيڪشنري شين جي درآمدي ڊيٽا جي ان ئي مدي لاءِ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڊيٽا سان ڀيٽ ڪئي وئي.
تجزئي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته 22-2021 کان 23-2022 تائين پاڪستان ۾ درآمد ڪئي ويندڙ ڪينڊيز، ٽافين ۽ ڪنفيڪشنري شين جي ڪل درآمدي قيمت 3.84 ملين آمريڪي ڊالرن مان گهٽجي 2.02 ملين آمريڪي ڊالر (90 سيڪڙو) گهٽ ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ افغانستان لاءِ ڪُل درآمدن جي ماليت ان ئي مدي دوران ٽرانزٽ ٽريڊ تحت 1.96 ملين آمريڪي ڊالرن مان وڌي 5.09 ملين آمريڪي ڊالر مطلب 160 سيڪڙو واڌ ٿي.
You might also like