پرٿ ٽيسٽ: آسٽريليا جون ٻي اننگز ۾ 2 وڪيٽن تي 84 رنسون، پاڪستان خلاف 300 جي سرسي

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پرٿ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم 271 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته آسٽريليا ٻي اننگز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهي 300 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
پرٿ ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز 2 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسن کان شروع ڪئي ته خرم شهزاد کي پيٽ ڪمنز بولڊ ڪري ڇڏيو، جنهن 7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بابر اعظم 21 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، کيس مچل مارش پويلين موٽايو.
امام الحق 62 رنسون ٺاهي نيٿن ليون جو شڪار بڻيو، سرفراز احمد کي 3 جي اسڪور تي اسٽارڪ، جڏهن ته سعود شڪيل کي 28 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ جوش هيزل ووڊ آئوٽ ڪيو.
فهيم اشرف 9 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز، عامر جمال 10 رنسون ٺاهي نيٿن ليون ۽ شاهين آفريدي 4 رنسون ٺاهي ٽريوس هيڊ جو شڪار بڻيو، جڏهن ته آغا سلمان 28 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
آسٽريليا جون ٻي اننگز ۾ ٻه وڪيٽون 5 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پيون، ڊيوڊ وارنر کاتو ئي نه کوليو، جڏهن ته مارنس لبوشين 2 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان ٻئي وڪيٽون خرم شهزاد ورتيون.
پوءِ عثمان خواجا ۽ اسٽيو سمٿ ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ راند جي پڄاڻي تي ٽيم کي وڌيڪ ڪو به نقصان پهچڻ نه ڏنو.
آسٽريليا ٻي اننگز ۾ ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف 300 رنسن جي مجوعي سرسي حاصل ڪري ورتي، سمٿ 43 ۽ خواجا 34 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.