اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ ٻارڻ جي اگهن بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته في ليٽر پيٽرول 16 سيپٽمبر کان 16 ڊسمبر 2023 تائين 64 رپيا 4 پئسا سستو ٿيو ۽ في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 52 رپيا 99 پئسا لاٿ ٿي.
پڌرائيءَ موجب 16 سيپٽمبر 2023 ۾ پيٽرول جي قيمت في ليٽر 331 رپيا 38 پئسا هئي ۽ هاڻ في ليٽر پيٽرول جي قيمت گهٽجي 267 رپيا 34 پئسا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 329 رپيا 18 پئسا هئي، جيڪا گهٽجي 276 رپيا 19 پئسا ٿي وئي آهي.
You might also like