اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عام چونڊن بابت ڪيس جو 6 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ بئريسٽر عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت گهرندي چيو ته ڇو نه توهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ جو حڪم واضح هو ته ڪو به جمهوري عمل ۾ خلل نه وجهندو، عمير نيازي ظاهري طور جمهوري عمل ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ 2753 ڊي آر اوز ۽ آر اوز جو ڪم روڪي ڇڏيو ۽ هڪ ڌڪ ۾ چونڊ عمل کي ڊي ريل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي خاص طور چونڊن لاءِ مقرر نه ڪيو ويو پر مقرر ڪيل آفيسر اڳ ئي انتظامي آفيسرن طور فرض انجام ڏئي رهيا آهن.
سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو پيو وڃي، عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ کي درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو.
You might also like