روس ۾ برفاني طوفان عام زندگي درهم برهم ڪري ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي مختلف حصن ۾ برفاني طوفان سبب شديد برفباري ٿي آهي جنهن جي ڪري عام زندگي بري طرح متاثر ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ماسڪو ۾ 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ برفباري ٿي چڪي آهي، ڪجهه علائقن ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن. برفاني طوفان 60 سالن ۾ ماسڪو سان ٽڪرائجندڙ سڀ کان طاقتور طوفان ٿي سگھي ٿو. روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ شديد برفباري سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو جنهن جي ڪري ڊرائيور ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ماهرن موجب ماسڪو ۾ ڊسمبر ۾ ٿيندڙ برفباري 50 سينٽي ميٽرز تائين پهچي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.