پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمادي الثاني مهيني جي شروعات کانپوءِ رمضان المبارڪ جي آمد جو انتظار به وڌي ويو آهي، جڏهن ته ناليواري پرڏيهي فلڪياتي ماهر رمضان المبارڪ جي شروعات جي امڪاني تاريخ به ٻڌائي ڇڏي.
اماراتي فلڪياتي سوسائٽي جي ڊائريڪٽر ابراهيم الجروان تازو شايع ٿيندڙ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته فلڪياتي حساب سان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڀيري رمضان المبارڪ مارچ 2024 جي ٻئي هفتي ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
عيدالفطر 10 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي پر سرڪاري تاريخن جو اعلان پوءِ ٿيندو، اهي سرڪاري تاريخون چنڊ ڏسندڙ ڪميٽين تي ٻڌل هونديون آهن.
You might also like