سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 300 رپيا وڌڻ کانپوءِ ٻه لک 18 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 414 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر واڌ سان 2035 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.