ڪراچي ۾ هوٽلن جي حالت خراب، وڏو وزير فوڊ اٿارٽي تي ڪاوڙجي پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ فوڊ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، سيڪريٽري فوڊ ناصر عباس ۽ ڊي جي فوڊ اٿارٽي سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
ڊي جي فوڊ اٿارٽي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته روز تقريبن 100 ڇاپا هنيا ويندا آهن، ان تي وڏي وزير پڇيو ته ان باوجود ڪچن جي حالت ٺيڪ ڇو نه پئي ٿئي؟ فوڊ اٿارٽي نه کاڌو چيڪ ڪندي آهي نه پاڻي، مان فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان.
هن چيو ته شهر ۾ ڪيترن ئي ريسٽورنٽس جي حالت خراب آهي، ريفريجريٽرز گندا ۽ انهن ۾ ڪوئا گهمي رهيا آهن، فوڊ اٿارٽي چيڪنگ ناهي ڪندي، نه ئي بهتري آڻي رهي آهي.
نگران وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.