مسلسل نظراندز ٿيڻ تي احمد شهزاد جي دلبرداشته، وڏو اعلان ڪري ڇڏيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر احمد شهزاد رانديگرن جي ڊرافٽ ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي پاڪستان سپر ليگ کي الوداع چئي ڇڏيو.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽنگ ۾ ڪنهن به ٽيم احمد شهزاد کي پڪ نه ڪيو، جنهن تي اوپننگ بيٽر دلبرداشته ٿي ويو.
احمد شهزاد سوشل ميڊيا تي نوٽ ۾ لکيو ته سوچيو هو هلندڙ سال اهو نوٽ نه لکندس، هڪ ٻيو ڊرافٽ گذري ويو پر اها ئي پراڻي ڪهاڻي! الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته مون کي پڪ ڇو نه ڪيو ويو، هو پلان ڪندا آهن، پوءِ الله پاڪ جو پلان هوندو آهي ۽ بيشڪ الله پاڪ بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.
هن چيو ته مان تسلسل سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهتر کيڏڻ لاءِ محنت ڪئي، پي ايس ايل ڊرافٽ کان اڳ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بهتر راند پيش ڪئي، مون کي لڳندو آهي ته ڄاڻي واڻي ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مون کان گهٽ نمبر وارن کي ترجيح ڏني وئي، جيڪڏهن اهو طئي ٿيل آهي ته ڪو فرق نٿو پئي.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي عزت خاطر پي ايس ايل کي ڇڏيو آهي، مان انهن 6 ٽيمن سان ٻيهر پي ايس ايل نه کيڏندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.