پرٿ ٽيسٽ: آسٽريليا 487 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان جون ٻه وڪيٽن تي 131 رنسون

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پرٿ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريلوي ٽيم 487 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي ڪينگروز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 355 رنسن جي ضرورت آهي.
پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا پنهنجي رهيل اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 346 رنسن کان شروع ڪئي ۽ ميزبان ٽيم 487 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا جي ڇهين وڪيٽ ايليڪس ڪيري جي صورت ۾ ڪڙي، جنهن 34 رنسون ٺاهيون، مچل اسٽارڪ 12، ڪپتان پيٽ ڪمنز 9، نيٿن ليون 5 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مچل مارش 90 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ عامر جمال 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته خرم شهزاد 2، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
جواب ۾ پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي محتاط انداز ۾ کيڏيندي 74 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر شفيق 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪپتان شان مسعود 30 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي ورتيون، امام الحق 38 ۽ خرم شهزاد 7 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، پاڪستان کي آسٽريليا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 355 رنسن جي ضرورت آهي.
آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ ۽ نيٿن ليون هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.