پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته چونڊون قوم جي امانت ۽ انتهائي اهم مسئلو آهي، اسان ڪنهن کي چونڊن ۾ دير جي اجازت نه ڏينداسين.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ عدليا جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت داخل درخواستت تي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني خاص بئنچ ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ شريڪ ٻيو جج جسٽس شڪيل احمد هو.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل اٽارني جنرل، اليڪشن ڪميشن وڪيل ۽ درخواستگذار جو وڪيل پيش ٿيا.
ايڊووڪيٽ جنرل عمر جاويد چيو ته هن درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ئي نه ڪيو ويو، ڇو ته جڏهن درخواست داخل ٿي ته ان وقت آر اوز ۽ ڊي آر اوز جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو هو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ ته اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل معظم بٽ ٻڌايو ته ها لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت صوبي ۾ 700 کان وڌيڪ ٿري ايم پي اوز جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، انتظاميا جو ڪو ٻيو ڪم ناهي، رڳو ٿري ايم پي اوز جا آرڊر جاري ڪرڻ تي ڌيان آهي.
جسٽس محمد ابراهيم خان چيو ته ڇا اهڙين حالتن ۾ اهڙي انتظاميا تحت صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ ممڪن آهي؟ ڇا اهڙي صورتحال ۾ اهي آفيسر پنهنجا فرض انجام ڏئي سگهن ٿا؟
ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته صوبائي حڪومت وٽ ڊيٽا موجود آهي ته هڪ ئي پارٽي آهي، جيڪا بنا اجازت جلسا ڪري رهي آهي ۽ حلف نامو به نه پئي ڏئي.
چيف جسٽس چيو جڏهن چونڊن جي مند ايندي آهي ته پوءِ ٿري ايم پي اوز جا آرڊر جاري ڪيا ويندا آهن، اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ته جيڪو ڀڃڪڙي ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪري، هيل تائين ڪيترن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ سزا ڏني وئي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي آهي.
چيف جسٽس هر ڪو اهو چاهي ٿو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين، توهان ائين ڪيو جو هن درخواست ۾ ترميم ڪري ڇڏيو، توهان اڳ ۾ درخواست داخل ڪئي، نوٽيفڪيشن کي چئلينج نه ڪيو، توهان ان کي چئلينج ڪيو، پوءِ ٻڌنداسين.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اليڪشن قوم جي امانت آهي ۽ انتهائي اهم قومي معاملو آهي، ان ۾ دير جي اجازت نه ڏينداسين، چونڊن جي جيڪا تاريخ مقرر آهي، ان کان نه هڪ ڏينهن وڌيڪ نه گهٽ ڪنداسين.
پي ٽي آءِ جي وڪيلن ضمني درخواست لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت چيو ته ضمني درخواست کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٿيندي.
You might also like