ڀلي تنقيد ٿئي پر فلمن تي پابندي نه لڳايو: آمنا الياس جو مطالبو

من موهڻي اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته شوقين هاڻ هڪ ئي قسم جي رومانوي ڪهاڻي ڏسي ڏسي تنگ ٿي ويا آهن ۽ سٺيون فلمون ٺهنديون ته ماڻهو ڏسندا.
سماجي اڻ برابرين تان پردو کڻندڙ فلم ”گنجل“ ۾ آمنا الياس مهر نالي هڪ سوشل ايڪٽوسٽ جو ڪردار نڀائي رهي آهي، ان فلم ۾ چائلڊ ليبر ۽ سماجي ناانصافين جهڙن سنگين مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آمنا الياس چيو ته جڏهن مان پهريون ڀيرو اسڪرپٽ ٻڌو ته مان چيو ها واقعي اسان جي معاشري ۾ ائين ٿي رهيو آهي، توهان گهران نڪرو ته ٻارڙا پنندا نظر ايندا، ٻار سمگل ٿي رهيا آهن، گهرن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهو هڪ حساس معاملو آهي.
هن چيو مان اتفاق ڪيان ٿي ته پاڪستان ۾ سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن، نيون نيون ڪهاڻيون اينديون ته ماڻهو ڏسندا، ڇو ته شوقين هاڻ هڪ ئي قسم جي رومانوي ڪهاڻي ڏسي ڏسي تنگ ٿي ويا آهن.
سندس موجب مان سينسر بورڊ کي درخواست ڪنديس ته فلمن تي پابندي لڳائڻ بند ڪيو ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو، جنهن کي تنقيد ڪرڻي آهي اهو ڪري، بالي ووڊ فلمن تي به تنقيد ٿيندي آهي، هالي ووڊ فلمن تي به ٿيندي آهي، ٿي سگهي ٿو گنجل تي به تنقيد ڪئي وڃي پر فلم ٺاهڻ کان نه روڪيو.
فلم جي ڪاسٽ ۾ آمنا الياس کانسواءِ احمد علي اڪبر، ريشم، احمد علي بٽ، سيد محمد علي، سرمد آفتاب، رضيا ملڪ، سردار نبيل، علي آفتاب سعيد، ارحم خان، ابتسام مصطفيٰ، حبيبه سفيان، احسن مراد، منير خان شامل آهن، جيڪا 15 ڊسمبر تي سئينما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.