ڪيچ ٿي وڃن ها ته آسٽريليا جون 80 کان 85 رنسون گهٽ هجن ها: عامر جمال

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پرٿ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ آل رائونڊر عامر جمال چيو آهي ته جيڪڏهن ڪيچ ٿي وڃن ها ته آسٽريليا جون 80 کان 85 رنسون گهٽ هجن ها، وارنر جهڙي ريت بيٽنگ ڪئي، ان کانپوءِ پاڪستان سٺي واپسي ڪئي.
پرٿ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن ختم ٿيڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي فاسٽ بالر عامر جمال چيو ته ڊيبيو ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن بالنگ ڪندي مزو آيو، پهرئين اسپيل ۾ نه پر پوءِ رڌم مليو.
هن چيو ته اسان وڪيٽ جي لحاظ سان ڪجهه رنسون وڌيڪ ڏئي وياسين پر ريڪور سٺو ڪيو، ڪوشش ڪنداسين ته ٻئي ڏينهن آسٽريليا کي جلد آئوٽ ڪيون.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪيچ ٿي وڃن ها ته آسٽريليا جون 80 کان 85 رنسون گهٽ هجن ها، وارنر جيئن بيٽنگ ڪئي ته ان کانپوءِ اسان سٺو ڪم بيڪ ڪيو، وارنر جهڙي ڪوالٽي بيٽر سامهون بالنگ ڪرڻ چئلينج هوندو آهي، وارنر سٺي اننگز کيڏي، اهڙن بيٽرن کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ پلان ڪرڻو هوندو آهي.
واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن عامر جمال ڊيوڊ وارنر ۽ ٽريوس هيڊ جي وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.