حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ٽيوشن پڙهائيندڙ ماسترياڻي مبينا طور ٽن ٻارڙن کي اغوا ڪري کڻي وئي جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
قاسم آباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنجر ملاح ۽ ٻڍو پالاري ويجهو رضا مصطفي ڪالوني مان ٽيوشن پڙهائيندڙ ماسترياڻي ٽن ٻارن کي مبينا طور تي اغوا ڪري کڻي وئي.
اغوا ٿي ويل ٻارڙن ۾ 8 ورهين جي علشبا،4 ورهين جي بشرا ۽ 5 ورهين جو حسنين عالماڻي شامل آهن.
ٻارڙن جي والدين واقعي جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
مغوي نينگري علشبا جي والد امام الدين عالماڻي عوامي آواز کي ٻڌايو ته چيو ته هڪ عورت استاد جيڪا گذريل 3 هفتن کان اسان جي ٻارڙن کي پاڙي ۾ اچي ٽيوشن پڙهائيندي هئي گذريل ڏينهن منجهند جو 2 وڳي ٽنهي ٻارڙن کي رڪشا ۾ کڻي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻار اوڏ برادري جي ھڪ ھمراھه جي گھر ۾ معمول موجب عورت وٽ پڙھڻ لاءِ ويا جيڪي واپس نه موٽيا جنھن تي علائقي جي سي سي ٽي وي چيڪ ڪئي ۽ ماڻھن کان پڇا ڪئي ته پتو پيو ته عورت ٻارن کي پاڻ سان گڏ رڪشا ۾ کڻي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ ھو ته ٻارن جي والدين رپورٽ داخل ڪرائي آھي، عورت ۽ ٻارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي.
ٻي پاسي ايس ايس پي امجد شيخ معاملي جو نوٽيس وٺندي ٻارڙن کي بازياب ڪرائي واقعي ۾ ملوث عورت کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
You might also like