”سجدو ڪيان ها ته ڪير به نه روڪي سگهي ها“ محمد شامي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي ورلڊ ڪپ جي 33هين ميچ دوران پنهنجي گوڏن ڀر ويهڻ واري وائرل وڊيو تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 ۾ محمد شامي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون، هن ميگا ايونٽ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاري.
ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف ميچ دوران محمد شامي 5 وڪيٽون ورتيون هيون، هن خوشي جو اظهار ڪندي آسمان ڏانهن ڏسي شڪر ادا ڪيو ۽ پوءِ گوڏن ڀر ويٺو پر سجدو نه ڪيائين، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿس تنقيد ڪئي هئي.
هاڻ ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا سان هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي محمد شامي چيو ته مون کي مسلمان ۽ ڀارتي هجڻ تي فخر آهي، جيڪڏهن مان سجدو ڪيان ها ته مون کي ڪير به روڪي نه سگهي ها.
هن چيو ته مان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به 5 وڪيٽون وٺڻ تي سجدو ناهي ڪيو، اڳ به 5 وڪيٽون وٺي چڪو آهيان.
محمد شامي چيو ته جيڪڏهن مان سجدو ڪرڻ چاهيان ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪڏهن مون کي سجدو ڪرڻ لاءِ به ڪنهن جي اجازت کپي ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڇو رهان؟ جيڪڏهن مان سجدو ڪرڻ چاهيان ته ڀارت ۾ هر هنڌ سجدو ڪري سگهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.