اڻڄاتل ماڻهن جو ڀارتي پارليامينٽ ۾ حملو:وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ ۾ سخت سيڪيورٽي کي ٽوڙيندي ٻه ماڻهو اسيمبلي ميمبرن جي ڊيسڪن تائين پهچي ويا، جنهن جي ڪري پوليس آفيسرن ۾ ڀاڃ پئجي وئي ۽ ميمبرز لڪڻ تي مجبور ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب لوڪ سڀا جي اندر ٻن ماڻهن اسيمبلي ميمبرن جي بينچن تائين پهچي نعريبازي ڪئي ۽ رنگين گيس خارج ڪئي جنهن جي ڪري اسيمبلي دونهين سان ڀرجي وئي.
سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ اهو منظر محفوظ ٿي ويو ۽ لکين ماڻهن پارليامينٽ ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي داخل ٿيڻ جي سڌي ريت ڪوريج ٽي وي تي ڏٺي. پارليامينٽ ۾ راهول گانڌي، مرڪزي وزير ۽ مختلف ڪارڪن موجود هئا.


اهي ٻئي ماڻهو مهمان گيلري تان ٽپو ڏئي لوڪ سڀا چيمبر تائين پهتا. اسيمبلي ميمبزن گھٻرائجي ڊيسڪن جي هيٺان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
پارليامينٽ ۾ گھڙيلن ڦڪي رنگ جي گيس خارج ڪئي جنهن سان اسيمبلي هال ۾ ڦڪا ڪڪڙ ڇائنجي ويا ۽ ڀاڃ پئجي وئي.
پوليس اسيمبلي هال جي اندران ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ٻن کي پارليامينٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. اسپيڪر اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ هو ته گرفتارڪيلن سڃاڻپ ۽ هنن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.