پي ايس ايل ۾ نئين تاريخ لکجي وئي، پهريون ڀيرو هڪ ٽيم ۾ 3 ڀائر شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ نئين تاريخ لکجي وئي، هڪ ئي ٽيم ۾ 3 ڀائر شامل ٿي ويا.
لاهور ۾ اڄ پي ايس ايل 9 جي پليئر ڊرافٽ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ پي ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون.
تقريب ۾ فرنچائز مالڪن، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ۽ ڪرڪيٽرن شرڪت ڪئي.
پي ايس ايل 9 جي سلسلي ۾ جتي ڊرافٽنگ دوران فرنچائز وڏن نالن جي چونڊ ڪئي، اتي ئي هڪ نئين تاريخ به لکجي وئي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ نسيم شاهه کانپوءِ سندس ننڍي ڀاءُ حنين ۽ عبيد شاهه کي به پنهنجي ٽيم جو حصو بڻائي ورتو.
نسيم شاهه جو ننڍو ڀاءُ حنين شاهه نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڇانيل رهيو، جڏهن ته عبيد شاهه پاڪستان انڊر 19 ۾ شامل آهي، جيڪو هن وقت دبئي ۾ ايشيا ڪپ کيڏي رهيو آهي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ حنين ۽ عبيد شاهه کي پي ايس ايل 9 لاءِ ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ حصو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.