زال جي محبت ۾ مڙس گھر کي تاج محل بڻائي ڇڏيو

آگرا تاج جو تاج محل ته سڄي دنيا ۾ مشهر آهي، پر ڀارتي رياست بهار جي ضلعي ڀاگلپور ۾ به هڪ تاج محل موجود آهي، جيڪو هڪ شخص پنهنجي زال لاءِ ٺهرايو ۽ پوءِ پاڻ به ان ۾ دفن ٿيو.
ان تاج محل کي بڻائڻ ۾ مڙس جا 35 لک رپيا خرچ ٿيا ۽ ان جي اڏاوت ۾ ٻن سالن جو وقت لڳو.
رپورٽ موجب اهو تاج محل هڪ ڊاڪٽر مڙس پنهنجي زال جي ياد ۾ ٺهرايو هو ۽ ٻئي زال مڙس ان ۾ دفن ٿيل آهن.
پهريان زال لاڏاڻو ڪري وئي ته ان کي ان ۾ دفن ڪيو ويو پوءِ وري مڙس جي وفات کان پوءِ ٻارن ان کي به اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو.
اهو تاج محل ڀاگلپور سوڌو بهار ۾ گھڻو مشهور آهي.


ان ڀاگلپوري تاج محل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ايندا آهن.
هوميوپيٿي ڊاڪٽر ناصر عالم جي بڻايل ان تاج محل جي خوبصورتي جي وقت ڏسڻ جوڳي هجي ٿي.
ناصر عالم پنهنجي زال سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ سندس ياد ۾ ڪجهه انوکو ڪندو ۽ پوءِ هن پنهنجي واعدو پورو ڪيو.


هن زال جي نالي تي ويجهو ئي هڪ مدرسو به ٺهرايو آهي.
هڪ ٻئي جي شديد محبت ۾ مبتلا زال مڙس ته هاڻي ناهن رهيا پر سندن ٻچا ان تاج محل جي سار سنڀال ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.