سعودي کانپوءِ سوئس ڪمپني جي به پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب کانپوءِ سوئٽزرلينڊ جي آئل مارڪيٽنگ ڪمپني به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
سوئس آئل مارڪيٽنگ ڪمپني ٽريفوگيورا پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري جو معاهدو ڪيو آهي، ٽريفيگيورا جي هادي هولوچي ۽ چشتي گروپ جي عامر چشتي سيڙپڪاري معاهدي تي صحيحون ڪيون.
معاهدي موجب پاڪستان کي پيٽروليم شيون ڊگهي مدي جي معاهدي تحت سپلاءِ ٿينديون، سوئس ٽريفيگيورا ڪمپني جي ذيلي ڪمپني پيوما ايڊمور جي 550 پيٽرول پمپن تي سيڙپڪاري ڪندي.
ٽريفيگيورا پاڪستان ۾ نجي گروپ سان ايل پي جي ڪاروبار به وڌائيندي، نجي گروپ سان سولر پئنل مينوفيڪچرنگ ۽ ٽريڊنگ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر به سامهون آئي هئي ته سعودي عرب جي سڀ کان وڏي آئل اينڊ گئس ڪمپني آرامڪو گئس اينڊ آئل پاڪستان لميٽيڊ جا 40 سيڪڙو شيئرز خريد ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.