پرٿ ٽيسٽ لاءِ پاڪستان اليون ۾ ڪير ڪير هوندا؟ اعلان ٿي ويو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو.
ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 ڊسمبر کان پرٿ ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان خلاف آسٽريلوي ٽيم جو اڳ ئي اعلان ٿي چڪو هو، جڏهن ته پهرين ميچ لاءِ هاڻ قومي ٽيم جو اعلان به ڪيو ويو آهي.
پرٿ ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي قيادت شان مسعود ڪندو، جڏهن ته عامر جمال ۽ خرم شهزاد ڊيبيو ڪندا.
ٻين رانديگرن ۾ امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، شاهين آفريدي شامل آهن.
پاڪستان ٽيم ۾ ڪو ريگيولر اسپنر شامل ناهي، سلمان علي آغا پارٽ ٽائم اسپنر طور فرض انجام ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.